بيلگورود (م ڊ) روس جي جنگي جهاز غلطي وچان يوڪرين بدران پنهنجي ئي علائقي تي بم وسائي ڇڏيا. پرڏيهي ميڊيا  موجب روسي بچاءُ واري وزارت پاران ٻڌايو ويو آهي ته روس جي فائيٽر جيٽ غلطي وچان يوڪرين جي سرحد تي پنهنجي ئي شهر بيلگورود تي بم وسائي ڇڏيا آهن. روسي گورنر موجب شهر جي وچ ۾ ميزائل ڪريا آهن، ڌماڪي جي ڪري 20 ميٽر اونهو کڏو پئجي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب بمباري جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو آهي ۽ ٻه عورتون زخمي ٿيون آهن.