ڪراچي/ حيدرآباد  (نمائندن وٽان) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چنڊ رات جو فائرنگ: 3 ٻارڙن سوڌو 18  زخمي، ان ڏس ۾  ڪراچي جي مدينا ڪالوني ۾ آرزو، سائيٽ ايريا ۾ ٻارڙيءِ عروه، ڪورنگي ۾ سمير ، اورنگي ۾ 6 سالن جي ايمن، زين خان، ارشد ۽ فرمان، بلديه ۾ ڪامران بخاري، ناظم آباد ۾ ذيشان، شرافي ڳوٺ ۾ الطاف، لياري جي علائقي ڪلري ۾ رياض، بغدادي ۾ رياض هنڱورو،ڪٽي پهاڙي ۾ گلبهار، بلديه جي يوسف ڳوٺ ۾ خليل، نارٿ ڪراچي ۾ غلام علي،  قائد آباد ۾ گلناز خاتون ۽ لياقت آباد ۾ انيس زخمي ٿي پيا، هوڏانهن حيدرآباد جي علائقي ٽنڊي يوسف جي لال ڪوارٽر ۾ ٿيل فائرنگ ۾ 10 سالن جو ٻالڪ ثاقب پٺاڻ زخمي ٿي پيو