اڪري چودڳي: تاريخي ماڳ ليلان جا آتڻ جي سروي لاءِ ٽيم پهچي وئي

0
328

اڪري چودڳي(ن پ ا) تاريخي ماڳ ليلان جا آتڻ جي سروي لاءِ ڪراچي مان آرڪيالاجي ڪلچر اينڊ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ جي ٽيم تاريخي ماڳ تي پهچي وئي، سروي ٽيم ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽيڪٽيز ظهير جوکيو، نوازش علي دايو، جواد مهر، مشتاق ناريجو ۽آرڪيالاجي ماهر پروفيسر غلام مصطفي شر شامل آهن، ڪراچي کان پهتل ٽيم تاريخي ماڳ جي سروي شروع ڪري ڇڏي، ٽيم پاران تاريخي ماڳ جي سروي دوران حدون ۽ نشان طئي ڪري رپورٽ ٺاهي پنهنجي اداري کي رپورٽ ڪندا ۽ بعد ۾ روينيو کاتي کي رپورٽ ڏيئي تاريخي ماڳ جي حدن تي پٿر ۽ قلعا لڳايا ويندا ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽيڪٽيز کاتو ظهير جوکيو جو چوڻ آهي ته اسان سروي ڪري تاريخي ماڳ جي حدن جا نشان واضع ڪري کاتي کي رپورٽ ڪنداسين ۽ بعد ۾ آرڪيالاجي کاتو روينيو کاتي کي تاريخي ماڳ جي حدن جا نشان چٽا ڪندو ۽ حفاظتي حصار جوڙيندو.