مبارڪپور: صحافي جي گهر تي حملو، عورت سميت 13ڄڻا زخمي

0
249

مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ۾ نجي ٽي وي جي رپورٽر احسان مستوئي جي گهر تي حملو ڪيو ويو آهي، شرپسندن جي حملي ۾ احسان سميت سندس گهر ڀاتي، مسمات نظيران،، رجب علي مستوئي، عرفان مستوئي، شعبان مستوئي، عبدالرزاق مستوئي، خانڻ مستوئي، منور مستوئي، لائق مستوئي ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، مبارڪپور پوليس کي اطلاع ملڻ باوجود نه پهتي، هڪ ڪلاڪ تائين لٺين ۽ ڪهاڙين جو وسڪارو هو، زخمين کي مبارڪپور ٿاڻي تي آندو ويو جن کي ليٽر ڏئي ٺل اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، 20ماڻھن مٿان اين سي داخل ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي.