شرجيل ميمڻ جي گهرواري صدف شرجيل جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ

0
258
سنڌ جي اطلاعات واري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي گهرواري صدف شرجيل جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صدف شرجيل جي درخواست تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته خدشو آهي ته صدف شرجيل پرڏيهه وڃڻ بعد واپس نه ايندي، صدف شرجيل امريڪا يا ڪينيڊا جي شهريت ورتي ته واپس ڪيئن آڻينداسين؟ کوڙ جوابدار احتساب کان ڀڄي رهيا آهن، اُنهن جو ٽرائل به متاثر ٿيندو، ڪيس ۾ نامزد جوابدارن بابت سوال جو جواب نه ڏيڻ تي نيب آفيسر مٿان ڪاوڙ جو اظهار، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هي ڪهڙو جاچ آفيسر آهي، کيس جوابدارن ۽ شاهدن جَي تعداد جي به خبر ناهي.