اڪري چودڳي (رپورٽ: اميرحيدر شر) اڪري چودڳيءَ ڀرسان دردناڪ واقعو، جوابدار گهر اچڻ کان منع ڪرڻ تي نوجوان کي پنهنجي ئي گهر جي اڱڻ تي چاقن جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڳوٺاڻن جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب اربع ۽ خميس جي وچ واري رات هڪ بجي ڌاري ڳوٺ غلام فريد سومرو ۾ جوابدار فاروق سومري پنهنجي سئوٽ 28 سالن مقبول سومرو کي سندس ئي گهر جي اڱڻ ۾ ڇاقو جا وار ڪري ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو. نوجوان جي قتل واقعي بعد وارثن جي دانهن تي ڳوٺاڻن پهچي ويا، جن پيڇو ڪري جوابدار فاروق سومرو ۽ سندس سهولتڪار مظهر سومرو کي سوگهو ڪري ورتو. قتل واقعي جي  اطلاع تي اڪري پوليس جاءِ واردات جو معائنو ڪرڻ بعد ٻنهي جوابدارن کي حراست ۾ وٺي پاڻ سان کڻي وئي. اڪري پوليس مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ فيض گنج تعلقي اسپتال کڻائي ويئي، جتان پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موجب جزا وٺي ليبارٽري موڪليا آهن. مقتول نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. مقتول جو مڙهه سڏڪن ۽ آهُن سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار فاروق سومري موجب مقتول سان گهڻي وقت کان اڻبڻت هئي ۽ منهن ماري به ٿي هئي، ان ڪري کيس قتل ڪيو، ڪوبه پڇتاءُ ناهي. هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ محبت سومري اڪري ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته منهنجي ڀاءُ جوابدار فاروق کي سئوٽ مظهر جي گهر اچڻ کان روڪيو، جنهن تان ڏمريل هو. رات ٻن نامعلوم ساٿين جي مدد سان جوابدار منهنجي ڀاءُ کي ڳلي تي ڇري وهائي قتل ڪري ڇڏيو.