باھو کوسو (ن پ ا) باھو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلاب بنگلاڻي مان شادي جي دعوت تان واپس 3 موٽرسائيڪلن تي ويندڙ 6 بدنام ڌاڙيلن کي ملڪ شير علي چوڪي تي موجود پوليس اھلڪارن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڌاڙيلن اھلڪارن تي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪندا ڪشمور ضلعي جي حدن ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اطلاع تي پوليس اضافي نفري گهرائي ڳوٺ گلاب بنگلاڻي تي چڙھائي ڪئي ته شادي دعوت واري پروگرام ۾ آيل مھمان ۽ گھر ڌڻي فرار ٿي ويا،  پوليس بنا گرفتاري جي واپس موٽي وئي. ملڪ شير علي پوليس چوڪي جي اھلڪار عبدالجبار ۽ ٻين ٻڌايو ته آفيسرن جو حڪم مليو ته ڳوٺ گلاب بنگلاڻي ۾ شادي دعوت ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا بدنام ڌاڙيل آيل آھن، اوھان الرٽ رھو ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي چيڪنگ سخت ڪيو، اسان موٽرسائيڪلن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته ڌاڙيلن اسان مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڪشمور ضلعي جي حدن ۾ فرار ٿي ويا.ايس ايچ او باهو کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چوڪي تي وڌيڪ پوليس اھلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آھي.