مٽياري: پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڪارروائيون ڪري وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن ۾ 2 عورتون به شامل آهن، ان حوالي سان ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ جو چوڻ آهي ته ناري واري معاملي جو وارثن جي چوڻ موجب ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اهو واضح ٿيو آهي ته سڱ نه ڏيڻ تان ناري کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي، باقي ناري سان جنسي تشدد جي اڃا تصديق ناهي ٿي سگهي، جئين ميڊيڪل رپورٽ ايندي ته اهي قلم به ڪيس ۾ داخل ڪيا ويندا، هن وڌيڪ چيو ته جلد ئي ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل جوابدار کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.