اڏيرولال(ن پ ا) اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي، مختلف برادرين جو منظور ساند، شاهه محمد بلوچ، لياقت ميرجت، ڪرڙ عاقلاڻي، پپن عاقلاڻي، مجيد آرائين محمد، رفيق بالادي ۽ ڪليو ڪولهي جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جو عثمان شاهه هڙي وايا فاضلاڻي موري روڊ تي ٽائرن کي باهيون، ڌرڻو هڻي سخت نعري  بازي ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن مير لکي جي ڪوٽ جي رهواسي کي هٿياربندن روشن هرچند ڪولهي کي تشدد ڪري زخمي ڪري موٽرسائيڪل ڦر ڪري  فرار ٿي ويا هئا، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ رات جي وقت نامعلوم چور ٻڪريون ڪاهي فرار ٿي ويا، حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. اوڏيرولال اسٽيشن پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ بلڪل به ناڪام وئي آهي، عوام ڏينهن جو به  محفوظ ناهي. هنن وڌيڪ چيو ته فاضلاڻي موري پوليس چيڪ پوسٽ به ختم ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ڏوهن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي مٽياري فوري نوٽيس وٺي اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻين ۽ موٽر سائيڪل جي ڦر جو ڪيس نامعلوم ماڻهن تي داخل ڪن نه ته ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي مٽياري آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين. ٻئي پاسي پيپلر پارٽي پاران يوسي اوڏيرولال اسٽيشن مان ضلعي ڪائونسل لاءِ نامزد ڪيل اميدوار يوسف ڇٽو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو