ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو مان پراسرار نموني گم ٿيل 10 ورھين جي گداگر نينگر بلال سامي فقير جو ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو، ان ڏس ۾ نينگر جي وارثن ۽ سماجي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  نينگر جي امڙ صاحبي ۽ ٻين چيو ته نينگر ٻه ڏينهن اڳ صبح جو گداگري ڪرڻ لاءِ شھر ويو، جتان واپس ناهي آيو، هنن چيو ته پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي،