اڏيرولال (ن پ ا)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان طرفان ،يونين ڪائونسل نوبت مري ايٽ ھڪڙا جي اميدوارن جو اعلان. ضلعي ڪائونسل لاءِ سيد شهزاد علي شاھه ۽ يونين ڪائونسل  جي چيئرمين لاءِ غلام محمد ھڪڙو نامزد  خبر موجب پيپلز پارٽي ضلعي مٽياري مخدوم هائوس  طرفان يونين ڪائونسل نوبت مري ايٽ ھڪڙا جي اميدوارن جو اعلان. ضلعي ڪائونسل لاءِ ميمبر سيد شهزاد علي شاھ ۽ يوسي چيئرمين لاءِ ھڪڙا برادري جي معزز غلام محمد ھڪڙوکي  نامزد ڪري ڇڏيو. نامزد ٿيل اميدوارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان مخدوم رفيق الزمان جا ٿورئتا آهيون. انشاءَالله يونين ڪائونسل نوبت مري ايٽ ھڪڙا ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي مخالفن کي شڪست ڏينداسين ۽ بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪنداسين.