بڇيري (ن پ ا) بڇيري پريس ڪلب ۾ سعد، چوھاڻ، شيخ ۽ راجپوت برادري جي اڳواڻن عبدالڪريم سعد، عبدالرحمان سعد، شريف احمد چوھاڻ، محمد اقبال شيخ، محمد رمضان چوھاڻ، خورشيد احمد کوکر، ڊاڪٽر اختر راجپوت، محمد آصف رفيق سعد ۽ ٻين پاران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو  آھي ته سوشل ميڊيا تي ٽائون ڪاميٽي بڇيري جي وارڊ نمبر 2 جي ھڪ آزاد اميدوار اھا دعوي ڪئي آھي ته سعد ۽ چوھاڻ برادري مڪاني اليڪشن ۾ سندس  حمايت ڪئي آھي، جنھن جي اسين ترديد ڪيون ٿا، اسان پ پ سان گڏ آهيون.