سجاول جوڻيجو(رپورٽ عبدالنبي ڀٽي )سجاول جوڻيجو ۾ پ پ اميدوار منظور احمد مگسي بنا مقابلي چونڊرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ اميدوار نورنبي ڀٽي کي هٿ کڻائڻ لاءِ معزز ماڻهن وٽ پهتو،  پي ٽي آءِ اڳواڻ هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. خبر موجب سجاول  جوڻيجو ۾ پ پ جي ضلعي ڪائونسل لاءِ اميدوار منظور احمد بروهي، وائيس چيئرمين لاءِ اميدوار شاهنواز خان ڀٽي ۽ ٻين ڳوٺ قائم لنجواڻي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ چڱو مڙس وڏيرو علي گل لنجواڻي، دلاور جت، نبن لنجواڻي ۽ ٻين حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.