دوڙ (ن پ ا) پيپلزپارٽي پاران دوڙ تعلقي اندر بلدياتي اليڪشن ۾ جوڙ توڙ تيزي سان جاري آهي يوسي شير علي  شاهه ۾ جي ڊي اي جو چيئرمين لاءِ نامزد ڪيل اميدوار غلام قادر ڏاھري ۽ وائيس چيئرمين جو اميدوار غلام رسول ڏاهري پنهنجي ٻن ڪائونسلرن سميت رئيس محرم خان ڏاهري جي معرفت پ پ جي حق ۾ هٿ کڻي ويا آهن جڏهن ته ساڳي يوسي تي چيئرمين جو آزاد اميدوار اعجاز علي کوسو ۽ وائيس چيئرمين جو اميدوار فرحان علي کوسو به اڳواڻي ايم پي اي سيد فصيح احمد شاهه جي معرفت پ پ جي حق هٿ کڻي ويا آهن جنهن کانپوءِ پيپلزپارٽي جو چيئرمين لاءِ نامزد اميدوار فقير لياقت علي زرداري ۽ وائيس چيئرمين جو اميدوار حاجي خان مري بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن ان جوڙ توڙ جي موقعي تي اڳوڻو ايم پي اي سيد فصيح احمد شاهه فقير لياقت زرداري مقيم لاشاري ممتاز وساڻ پياروخان کوسو ربنواز کوسو محمد سچل کوسو نادر علي ڏاهري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.