کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) حر جماعت ۾ قديمي رسمن جو خاتمو اچي نه سگهيو، هٿ بند ڪيل مريدن جي نياڻين جون شاديون رڪيل، اڇڙي ٿر ۾ وڏي انگ ۾ مريدن جو هٿ بند ٿيل، خليفا، عالم ۽ ٻيون ڌريون خاموش، ان ڏس ۾ اڇڙي ٿر سان واسطو رکندڙ پير پاڳاري جي مريد مردن ۽ عورتن عبدالحڪريم هنڱورجو جي اڳواڻي ۾ هتي حر جماعت اڇڙي ٿر چوڪي جي خليفي ۽ نائب خليفي جي مبينا زيادتين ۽ هٿ بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پيرسن عورت مسمات سادمي هنڱورجو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي سئو سال عمر ٿي وئي آهي، پوٽن ۽ ڏوھٽن جون شاديون ڏسڻ ۽ کين موڙ ٻڌڻ چاهيان ٿي پر حر جماعت جي ريتن رسمن سبب اھڙين خوشين کان محروم آھيان، هن ٻڌايو ته اسان پير پاڳاري جا مريد آهيون، حر جماعت جي خليفن ھٿ بند ڪرائي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري 14 نياڻين جون شاديون هن وقت تائين نه ڪرائي سگھيا آھيون، هٿ بند هئڻ سبب نڪاح ڪرائڻ جماعت ۾ جائز نٿو سمجهيو وڃي ۽ نه ئي عورت سان مرد حق شرا ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته اهڙين ڪڌين رسمن سبب منهنجي نياڻي جي 6 ڌيئرن سميت بدي ۾ ڏنل ٻين نياڻين ۽ پٽن پوٽن جون شاديون رڪيل آھن، عبدالرزاق هنڱورجو چيو ته هٿ بند هجڻ سبب ڪنھن جي جنازي ۾ به وڃڻ نٿو ڏنو وڃي، پنھنجي مائٽن کان مڪمل طور ڪٽجي ويا آھيون، چون ٿا اوھان مسلمان ئي ناھيو، اوهان تي جمعي نماز واجب ناھي ۽ نه ئي اوهان با جماعت نماز پڙھي سگهو ٿا، هن چيو ته گذريل 12 سالن کان حر جماعت جي خليفي احمد راڄڙ ۽ نائب خليفي ابراهيم هنڱورجو ھٿ بند ڪرائي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري مائٽن کان پري ٿي ويا آهيون، اسان سان ڪو به ملڻ نٿو اچي، غمي توڙي خوشي ۾ به ڪير شريڪ نٿو ٿئي، هن چيو ته اسان جو ڪو به ڏوهه ناهي، زبردستي فيصلا مڙھي مڃائڻ لاءِ ظلم ڪيو ويو آهي، جنهن سبب پنھنجي نياڻين جون شاديون به نٿا ڪرائي سگھون ۽ نه ئي ڳوٺ ۾ فوت ٿي ويل جي جنازي کي ڪلهو ڏئي سگھون ٿا، هن چيو ته حر جماعت جي اھڙي ظلم خلاف ھتان جي خليفن، وڏيرن توڙي مولوين کي ڪيترائي ڀيرا دانھون ڏئي چڪا آھيون پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، مظاهرين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ سميت پير پاڳاري کي انصاف جي اپيل ڪئي.