سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، اٽو  مهانگو ٿيڻ سبب سستي اٽي جا اسٽال نشاني تي اچي ويا. گذريل ڏينهن نامعلوم هٿياربند پبلڪ اسڪول ويجهو اٽي جي اسٽال تي ڪاهه ڪري 45 هزار روپيا روڪ ۽ اٽي جا 10 ڪلو وارا 25 ٿيلها ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر وشنداس تلريجا مطابق 8 هٿياربند ملٽري روڊ تي واقع سستي اٽي جي اسٽال تي ڪاهه ڪري 45 هزار رپيا روڪ ۽ 10 ڪلو اٽي جا 25 ٿيلها ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پبلڪ اسڪول ڀرسان ملٽري روڊ تي  نجي فلور مل جي تعاون سان خوراڪ کاتي طرفان سستي اٽي جي فراهميءَ لاءِ اسٽال لڳايو ويو هو، نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند واردات بعد آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. مزاحمت تي ڪجهه شهرين مٿان تشدد جا اطلاع به مليا آهن. خوراڪ کاتي جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر وشن داس تلريجا خوراڪ کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊي سي سکر کي لکت ۾ ڦر وارن واقعي جي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته ملٽري روڊ تي ڦر جي ٻن الڳ الڳ وارداتن سبب سستي اٽي جي فراهمي مشڪل بڻجي وئي آهي. اهڙن واقعن بعد ملٽري روڊ تان اسٽال ختم ڪري پوليس لائين وٽ لڳايو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊي سي سکر ڊاڪٽر شهزاد طاهر ٿهيم ٻڌايو ته سستي اٽي جي اسٽال تان ڦر جي شڪايت کانپوءِ هر اسٽال تي پوليس جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي ته جيئن عوام کي سستي اٽي جي فراهمي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي سگهي. سستي اٽي جا اسٽال پوليس سيڪيورٽيءَ ۾ لڳائڻ واري معاملي جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر طرفان پڻ تصديق ڪئي وئي آهي. هوڏانهن اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي کانپوءِ پورهيت طبقو سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويوآهي. سکر ۾ اڪثر اسٽال تان سستو اٽو نه ملڻ جون شڪايتون وڌي ويون آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته اسٽال تي گهٽ مقدار ۾ اٽو آندو پيو وڃي، جيڪو ٿوري دير اندر ختم ٿيو وڃي. وڏي انگ ۾ شهري خالي هٿ واپس وڃڻ تي مجبور هوندا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته جهجهي مقدار ۾ اٽو اسٽالن تي رکيو وڃي ته جيئن ڪو به ضرورتمند سستي اٽي جي فراهمي کان رهجي نه وڃي.