ڪراچي: حر جماعت اڇڙي ٿر چوڪي جي نائب خليفي فقير ابراهيم هنڱورجو چيو آهي ته احتجاج ڪندڙن جي الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي، ڪنهن جي به نياڻي ويٺل ناهي، سڀني پنهنجي ڌيئرن جي شادي ڪرائي ڇڏي آهي، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته اصل مسئلو گجو ۽ هنڱورجا ڌر ۾ زمين تان هلندڙ آهي، جنهن جو وقت بوقت درگاهه شريف جي ٽن فيصلا ڪاميٽين فيصلو ڪيو هو، جنهن ۾ حاڪم هنڱوجو ۽ ٻين کي ڪوڙو قرار ڏنو ويو، پر هنن ان فيصلي تي عمل نه ڪيو، جنهن تان هنن جو فيصلا ڪاميٽي هٿ بند ڪيو، اسان جو ان ۾ ڪو به ڪردار ناهي، هن چيو ته اسان ڪنهن به مريد جو هٿ بند ناهيون ڪري سگهندا، اهو ڪم فيصلا ڪاميٽي جو هوندو آهي، جيڪا فيصلو نه مڃڻ جي صورت ۾ سزا طور هٿ ۽ در بند ڪندي آهي، هن چيو ته حاڪم هنڱوجو واري ڌر کي عدالت به ڪوڙو قرار ڏئي چڪي آهي، هن چيو ته تازو هنن جي ڪجهه ماڻهن فيصلو مڃيو هو جن جو هٿ کوليو ويو، جڏهن ته هي حاڪم ۽ ٻيا هرو ڀرو حر جماعت جي خليفن تي الزام هڻي کين بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪنهن جي به نياڻي شادي کان رهيل ناهي، سڀني پنهنجيون ڌيئرون پرڻائي ڇڏيون آهن، رڳو هڪ ڇوڪري ويٺل آهي، ان کي به حاڪم وارا پاڻ نٿا پرڻائڻ چاهين، هن چيو ته هي منهنجا عزيز آهن مون هنن جي هر موڙ تي مدد ڪئي پر هنن اسان جي هڪ به نه ٻڌي، هن چيو ته زمين ۽ ٻئي ملڪيت گجو برادري جي آهي انهن کي پنهنجو حق ملڻ گهرجي.