اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اچو ته اوهان کي سنڌ جون اسپتالون ڏيکاريون، عالمي سطح تي آمريڪا، يو ڪي جي اسپتالن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا،فضائيه ميڊيڪل ڪاليج جي ٻئي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو ته خيرپور وڏي آبادي وارو ۽ پٺتي پيل ضلعو آهي. اتان تعلقي گمبٽ ۾ اسان علاج جون بهترين سهولتون ڏئي رهيا آهيون، پ پ چيئرمين چيو ته گمس ۾ ليور ٽرانسپلانٽ وارو علاج مفت ڪيو ويندو آهي اسپتال ۾ بون ميرون ٽرانسپلانٽ مفت ڪيو ويندو آهي پوري ملڪ جو عوام اتان مفت علاج ڪرائي ٿو افغانستان سوڌو مختلف ملڪن جا ماڻهو به اتي علاج لاءِ اچن ٿا،ڪراچي ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي موجود آهي اها اسپتال پهريان وفاق وٽ هئي علاج جا پئسا ورتا ويندا هئا ۽ هاڻي اها اسپتال سنڌ سرڪار وٽ آهي جتي دل جي بيمارين جو مفت علاج ٿيندو آهي،اين آءِ سي وي ڊي اهڙي علاج جو دنيا جو سڀ کان وڏو ادارو آهي، ڪينسر جو علاج تمام گهڻو مهانگو آهي جناح اسپتال ۾ سائبر نائيف ذريعي مفت علاج ڪيو ٿو  دنيا ۾ واحد ادارو آهي جيڪو مفت علاج ڪري ٿو، هن چيو ته  آئون چيلنج ڪريان ٿو ته اوهان اچي ڏسو اسپتالون عالمي سطح تي مقابلو ڪري رهيا آهيون مفت علاج جون سهولتون ڏئي رهيا آهيون، بلاول چيو ته اسان وٽ وسيلا گهٽ آهن انفرا اسٽرڪچر ناهي وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي، ڀارت جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ وسيلا گهٽ آهن پر ڪورونا صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ڀارت اسان کان پوئتي رهيو ، هن چيو ته پرڏيهي پاليسي بهتري ڏانهن وڃي رهي آهي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪندڙ ملڪ ئي ترقي ڪندا، بلاول پاس ٿيندڙن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي ڪڏهن نه وساريو، دنيا هن وقت ڪيترن ئي چيلنجز کي منهن ڏئي رهي آهي شاگرد معاشري جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪن هر مشڪل اوهان کي مضبوط بڻائيندي اميد آهي ته پاس ٿيندڙ شاگرد ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪندا.