حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته سنڌ جو ڪوئلو پاڪستان جي ترقي ۾ ڪم ايندو. ڄاڻايل ڪوئلي مان سستي بجلي ٺهي سگهي ٿي ۽ ٿرڪول جي بجلي سموري ملڪ تائين پهچائڻ جي صلاحيت آهي. حيدرآباد آمد بعد مسلم ليگ ن جي اڳواڻ کيئل داس ڪوهستاني ۽ شاهه محمد شاهه سان گڏجي مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته 9 ۽ 10 مئي تي جيڪي حالتون هيون تنهن باوجود به انهن هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا ڇاڪاڻ ته ڀلي باهه لڳائيندا وڃن، اسان ٻيهر تعمير ڪرائيندا رهنداسين. جيڪڏهن هو ملڪيتون ٽوڙيندا اسان ٻيهر اتي ٽرانسميشن وڇائينداسين. هن چيو ته ملڪي عوام توڙي ميڊيا شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڏٺي. باهه جي راند جيڪا سڄي ملڪ ڏٺي ان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. عمران خان چئي ٿو نوجوانن کي مرڻ گهرجي، خبر ناهي اها ڪهڙي غلامي آهي پر نوجوانن کي مارڻ جي ڪهڙي ضرورت، کين روزگار تي ڇو نه لڳايو ويو؟ وفاقي وزير چيو ته گجرانوالا کانپوءِ حيدرآباد سندس ٻيو گهر آهي.  جتي اچي کيس تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي. هن چيو ته مٽياري ۾ 20 ارب رپين جي لاڳت سان تيز ترين بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح ڪيو ويندو. اها لائين 220 ڪلو ميٽر مٽياري کان ٿر تائين لڳائي وئي آهي. ڄاڻايل منصوبو چار سال اڳ مڪمل ٿيڻو هو پر بدقسمتي سان گذريل ملڪ دشمن حڪومت منصوبو مڪمل نه ڪري سگهي جيڪو انهن 4 مهينن ۾ مڪمل ڪرايو آهي. وفاقي وزير اها به دعويٰ ڪئي ته 2017ع ۾ ڄاڻايل منصوبي لاءِ 21 ارب رپيا رکيا ويا هئا. هڪ ارب رپين جي بچت ڪري انهن ٿوري وقت ۾ اين ٽي ڊي سي هٿان منصوبو مڪمل ڪرائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن وفاقي وزير خرم دستگير ڀٽ شاهه پهچي درگاھ ڀٽائي تي حاضري ڀري دعا گهري آهي ۽ بعد ۾ نواز ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي