اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ ۾ آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام خلاف درخواستون اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن، ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5  رڪني لارجر بئنچ قائم ڪئي وئي آهي، بئنچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي شامل آهن، آڊيو ليڪس بابت عدالتي ڪميشن کي سُپريم ڪورٽ بار ائسوسيئيشن سوڌو ٻين عدالت ۾ چئلينج ڪيو، سُپريم ڪورٽ بار جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سُپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ کي غيرقانوني قرار ڏئي چڪي آهي، رڳو دهشتگردي جي ڪيسز ۾ هاءِ ڪورٽ جي اجازت سان فون ٽيپنگ ڪري سگهجي ٿي، عدالتي ڪميشن جي پهرئين اجلاس جو حڪمنامو قانون خلاف آهي،  ڪميشن اٽارني جنرل کان اهو نه پُڇيو ته مبينا آڊيو ڪنهن رڪارڊ ڪيون؟ درخواستن ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالتي ڪميشن جي قيام وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.