اٽي جي تلاش ۾ موت ملي ويو

0
171

                 ميرپور خاص ۾ سستو اٽو وٺڻ دوران رش ۾ ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب هڪ پورهيت فوت ٿي ويو. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته پورهيت جو ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙجي ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سبب موت ٿيو. فوت ٿيل 38 سالن جو شخص 6 ٻارن جو پيءُ هو. فوت ٿي ويل پورهيت جي وارثن پريس ڪلب جي سامهون لاش رکي احتجاج ڪيو. سانگهڙ ۾ اٽو خريد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هڪ ٻار ۽ ٻه عورتون ماڻهن جي پيرن ۾ لتاڙجڻ سبب زخمي ٿي پيون. سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ هڪ ئي وقت اٽي جي عدم فراهمي جي خلاف مظاهرا ۽ احتجاج ٿي رهيو آهي. پنجاب جي شهر خانيوال ۾ به انهيءَ سبب هڪ موت ٿي ويو آهي. ماڻهو پئسا کڻي رلندا ٿا وتن پر انهن کي اٽو ميسر ناهي. بازارن ۾ دڪانن تي اٽو هڪ سئو ٽيهه کان وٺي هڪ سئو پنجاهه رپين ۾ ملي ٿو جيڪو غريب ماڻهو خاص طور تي روزانو جي بنياد تي مزدوري جو معاوضو وٺندڙن جي خريد ڪرڻ جي سگهه کان ٻاهر آهي. بازارن ۾ گهمي ڏسو ته ماڻهن جي خريد ڪرڻ جي سگهه کي ڇا ٿي ويو آهي. اٽو اڻلڀ  سڄي ملڪ ۾ آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ صورتحال وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ماڻهن جي بنيادي خوراڪ ئي ڪڻڪ جو اٽو آهي. جنهن جي ماني پچائي اهي ماڻهو سادي ماني پاڻيءَ سان به کائي ڇڏيندا آهن. جيڪڏهن اها ماني به انهن کي ميسر نه هجي ته ماڻهو ڇا ڪندا. سنڌ حڪومت جو چوڻ هو ته سڄي صوبي ۾ سرڪاري اسٽالن تي اٽو 65 رپيا في ڪلو ۾ دستياب آهي. جڏهن مظاهرا ٿيا ته ڊپٽي ڪمشنر  75 رپيا في ڪلو ريٽ مقرر ڪرڻ جا سرڪاري حڪم جاري ڪري ڇڏيا. سرڪار جي هدايت کي مڃي ڪير ٿو. منافعي خورن جي پنهنجي روش آهي. وزيراعظم اهو چئي ڇڏيو ته اٽو صوبائي حڪومتن جو معاملو آهي. خوراڪ وارو وفاقي وزير طارق چيما چوي ٿو ته ملڪ ۾ ڪٿي به ڪڻڪ جي کوٽ ناهي. جيڪڏهن کوٽ ناهي ته ڇا ماڻهن جا حواس خطا ٿي ويا آهن جو اٽي جي عدم فراهمي جي خلاف مظاهرا ڪري رهيا آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ هڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت سستي اٽي جا ڊراما ڪري رهي آهي، پر سستو اٽو ڪٿي به موجود ناهي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو جو چوڻ آهي ته اٽو مهانگو ٿيڻ سبب غريب ۽ بيروزگار ماڻهو بک مري رهيا آهن. سنڌ جا هاري ۽ مزدور ٻن وقتن جي ماني لاءِ محتاج ٿي چڪا آهن.

انقلاب فرانس جي بنياد ۾ ماني جي عدم فراهمي جو معاملو ئي ته هو. ماني جو طلبگار عوام هڪ کانپوءِ ٻيو جلوس ڪڍي رهيو هو. هر جلوس ۾ هڪ ئي نعرو هوندو هو ماني ڏيو. ان دور جا حڪمران جيڪي فرانس جا بادشاهه ماني ڏيڻ ۾ ناڪام ته رهيا پر انهن عوام جي بنيادي ضرورتن تي به ڌيان نه ڏنو. ماڻهن تي تشدد ٿيندا ويا. بادشاهه جي محلن تي حملا ٿيڻ لڳا. هڪ وقت اهڙو آيو جو بادشاهه زير ٿي ويو. تاريخ چوي ٿي ته هڪ جلوس گذري رهيو هو، ملڪه محل جي بالڪوني مان ڏسي رهي هئي، هن محافظن کان پڇيو هي ماڻهو ڇا ٿا چاهين، ان کي ٻڌايو ويو ته ماني گهري رهيا آهن. جواب ۾ هي تاريخي جملو ملڪه سان ڳنڍيل آهي ته ماني ناهي ته ڪيڪ ڇو نٿا کائين. ملڪه جي ان جملي ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو. صورتحال ان حد تائين بي قابو ٿي وئي جو عوام بادشاهه جي محل تي حملو ڪري ڏنو. عوام شاهي خاندان جي ماڻهن کي گهلي محل کان ٻاهر ڪڍيو. باهه ان وقت تائين ايتري ڦهلجي چڪي هئي جو شاهي خاندان جي ماڻهن کي مال برداري جي گاڏين ۾ ويهاري مقتل گاهه آندو ويو. مقتل گاهه ۾ ڪجهه چوڻ يا ٻڌڻ جي گنجائش ئي نه هئي. پيرس جي رستن تي اهو ڪجهه ٿيڻ وڃي رهيو هو، جنهن جي باري ۾ شاهي خاندان ۽ حڪمران طبقي ڪڏهن سوچيو به نه هو. اهڙيءَ طرح جيئن سري لنڪا جي حڪمرانن نه سوچيو هو. پاڪستان جي حڪمران طبقي به ناهي سوچيو ته دنيا جي ملڪن ۾ انقلاب جي صورت ۾ خونريزي پاڪستان ۾ به ٿي سگهي ٿي.

ڪنهن کي خبر هئي ته فرانس جي مقتل گاهه ۾ قتل ڪيلن جو انگ ايترو وڏو هوندو جو ڪنڌ ڪٽڻ جي ڪارروائي ۾ وڏو وقت لڳي رهيو هو. وقت بچائڻ جي لاءِ “گيلوٽن” ايجاد ڪئي وئي ته جيئن جن ماڻهن کي قتل ڪرڻو آهي انهن کي گهٽ تڪليف کان گذرڻو پوي ۽ ڪم به جلدي ٿي وڃي. گيلوٽن جو موجد جوزف اگنيس گيلوٽن کي قرار ڏنو ويندو آهي. هي صاحب هڪ فزيشن هئڻ کانسواءِ سياستدان به هو، ان جو تعلق فريميسن سان هو. ايڏي وڏي پيماني تي ماڻهن کي ماريو  ويو جو انهن جي لاشن کي اڇلائڻ کان انهن جي کل به لاٿي وئي، جنهن مان عورتن جا پرس ٺاهڻ، مٿي جون ٽوپيون ٺاهڻ ۽ ٻارن جا رانديڪا ٺاهڻ جو ڪم ورتو ويو. هڪ سال  دوران ٽي لک انقلاب دشمنن (انقلاب دشمن اهي عناصر قرار ڏنا ويا هئا، جيڪي بادشاهت يا حڪومت وقت جا حامي هئا) انهن کي حراست ۾ ورتو ويو هو، انهن مان ڏهه هزار قصد خانن ۾ ئي موت جو شڪار ٿي ويا هئا، جڏهن ته سترنهن هزار ماڻهن جي خلاف سرڪاري طور تي موت جي سزا تي عملدرآمد ڪيو ويو هو. موت جي سزا گيلوٽن ذريعي ئي ڏني وئي هئي. موت جي سزا ماڻيندڙن ۾ بادشاهه ڪنگ لوئس سورنهن ۽ سندس ملڪه به شامل هئي.

انقلاب فرانس جو ذڪر ڪرڻ ان لاءِ ضروري نظر آيو ته پاڪستان ۾ به ماڻهو ماني ماني ڪري رڙيون ڪري رهيا آهن. حڪمران طبقو انهن کي انهن جي قوت خريد جي مطابق اٽو فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. ماڻهو اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهن ته حڪمران طبقو جنهن انداز سان شاهاڻي زندگي گذاري رهيو آهي، حڪمران طبقو وڏا خرچ ڪري پنهنجي طعام جو اهتمام ڪري وٺندو آهي. پوءِ ماڻهو اهو به ته ڏسي رهيا آهن ته ان ئي ملڪ ۾ جتي ماڻهو هڪ هڪ ڪلو اٽي جي لاءِ ترسي رهيا آهن، شادي وهانوَ جي تقريبن ۾ ڪيتري بي دردي سان پئسو وهايو ويندو آهي. جڏهن ماڻهن جي ضرورت جي وقت ئي اٽو انهن جي قوت خريد مطابق ميسر ناهي ته ڪابينا جيڪڏهن پرڏيهه مان اٽو يا ڪڻڪ به درآمد ڪندي ته ان رات جو ڪهڙو حساب ٿيندو، جنهن رات ڪنهن شخص کي بکيو سمهڻو پيو هو. ان ماءُ کي ڪير تسلي ڏيندو، جن پنهنجي بکين ٻارن کي ٿڦڪي ڏئي سمهاري ڇڏيو هو. ڪير ماڻهو ذميدار آهن جيڪي اهو ڏسن  ته ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون بازارن ۾ ڇو مهانگيون آهن ۽ ڇو ميسر ناهن. ڇو نه حڪومت ۽ انتظاميه سڄي شهر جي دڪانن ۾ اٽو فراهم ٿا ڪن ته جيئن اٽي جي ڳولا ۾ پريشان ماڻهو هجوم ۾ مرڻ کان محفوظ رهي سگهن. ڇو نه انتظاميه جي ماتحت ڪميٽين کي متحرڪ ڪيو وڃي ٿو ته اهي بازارن ۾ وڃي ڪري جائزو وٺن ته دڪاندار ڇا ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي هڪ صاحب اها پوسٽ رکي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان اعلان ڪيل 65 رپيا في ڪلو اٽي جي فراهمي جي نالي تي عوام جي تذليل ڪئي پئي وڃي، ماڻهن کي بار بار لائين ۾ لڳائي پورو ڏينهن خوار ڪيو پيو وڃي ۽ اهو به ڏهه لک جي آبادي لاءِ هڪ ڏهه ڪلو جا رڳو پنج سئو يا هڪ هزار بيگس روزانو ڏئي، عوام سان مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ سفيد پوش ماڻهن جي تذليل ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت واقعي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ چاهي ٿي ته سستي اٽي جا اسٽال لڳائڻ جو ڊرامو بند ڪري سمورن دڪانن تي سستي اٽي جي فراهمي کي ممڪن بڻايو وڃي ۽ سبسڊي جي نالي تي جيڪي پئسا کاڌا پيا وڃن، خدارا اٽي جا پئسا ته ڇڏيا وڃن ۽ عوام جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حقيقي قدم کنيا وڃن ۽ سفيد پوش ماڻهن جو ڀرم رکيو وڃي.هن تماشگاهه ۾ هڪ طرف ملڪ سخت قسم جي بحرانن ۾ ورتل آهي پر سياستدان اقتدار جي حصول ۾ سرگرم آهن. اهي ايتري عجلت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ڄڻ هي آخري موقعو هجي. سمورين سياسي جماعتن جو رويو هڪ جهڙو ئي آهي. چيو پيو وڃي ته جهانگير خان ۽ عليم خان نئين سياسي جماعت جي شروعات ڪرڻ وارا آهن. وچ ۽ ڏکڻ پنجاب جا اهم سياستدان نئين پارٽي جو حصو هوندا، پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن سميت ٻين سياسي پارٽين جي ميمبرن کي به گڏ کنيو ويندو. نئين جماعت جي قيادت پي ٽي آءِ پنجاب جي اڳوڻي اهم شخصيت ڪندي. نئين جماعت عام چونڊن ۾ پنهنجي الڳ چونڊ نشان سان ميدان ۾ لهندي. عام چونڊن ۾ نئين جماعت پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ سان گڏ سيٽن تي سمجهوتو ڪري سگهي ٿي. دعويٰ ڪئي وئي آهي ته نئين جماعت پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي مضبوط حلقن ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريندي.