حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ريجن ۾ اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ انتظاميا پاران سرڪاري اگهه 65 رپيا في ڪلو تي عمل نه ڪرائڻ خلاف داخل درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي کين 4 هفتن ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هاءِ ڪورٽ بار جي نائب صدر اندرجيت لوهاڻو، محمد خان، فدا حسين ۽ راجا ٿيٻو وڪيل علي پلهه معرفت داخل پٽيشن ۾ لاڳاپيل کاتن جي 25 عملدارن کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ اٽي جو هٿراڌو بحران پيدا ڪري في ڪلو 150 رپين تائين اگهه وڌايا ويا آهن جنهن ڪري غريب طبقو ٻه ويلا ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي پر خوراڪ کاتو سرڪار پاران مقرر 65 رپيا في ڪلو اگهه تي سستو اٽو شهرين کي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ انتطاميا به اڃا تائين سرڪاري اگهه تي عمل ناهي ڪرائي سگهي. پٽيشن تي ٻڌڻي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته خوراڪ کاتي پاران اسٽالز ۽ جنرل اسٽورن بدران شهرين کي گاڏين ذريعي سستي اٽي جا بيگ فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ گاڏين ۾ بيگ محدود هئڻ ۽ شهرين جي پيهه سبب رش دوران بدنظمي ٿئي ٿي. تازو ميرپورخاص ۾ اٽي جي 10 ڪلو واري ٿيلهي جي حاصلات لاءِ 7 ٻارن جو پيءُ لتاڙجي فوت ٿي ويو هو. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد سيڪريٽري پرائيز، لاڳاپيل ريجنز جي ڊويزنل ڪمشنرز، ڊي سيز ۽ فوڊ انسپيڪٽرز کي به نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.