لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن کان امتحاني فيس اوڳاڙڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان مسلسل احتجاج ڪرڻ بعد ڪمشنر لاڙڪاڻو جي صدارت هيٺ تعليمي بورڊ جي عملدارن سان ٿيل اجلاس جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. جنهن ۾ تعليمي بورڊ جو عملدار ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي چئي رهيو آهي ته شاگردن جي احتجاج تي ڊائريڪٽرس کي چئو ته هي ڪرمنل ايڪٽ آهي ۽ هو هيڊ ماسترن خلاف ڪاروائي ڪن، جيڪي ٻارن کي روڊن تي بيهارن ٿا ان تي ڪمشنر کيس چئي رهيو آهي ته استادن جي ايسوسئيشن آهي انهن جا پنهنجا ڪي مقصد آهن ۽ انهن في ٻار کان هڪ هزار روپين جي گهر ڪئي جنهن تي هنن چيو ته اسين ڇا ڪيون بورڊ فيس ٿي وٺو هاڻي ٻڌايو ته اها لکين روپين جي ناجائز طريقي سان اوڳاڙي پئي ٿئي تنهن ڪري هاڻي توهان کي ئي ٻارن کي ٻڌائڻو آهي ته بورڊ جي ڪائي به فيس ناهي ان تي بورڊ عملدار چئي رهيو آهي ته هاڻي ته اسين ٻڌائينداسين پر استادن ته ٻارن کي گمراهه ته ڪيو آهي انهن جيڪڏهن ٻارن کان ورتا آهن ته اهي واپس ڪيا وڃن اسين بورڊ وارن کي ويهاري به چونداسين جنهن به هيڊ ماستر پئسا ورتا آهن اهي شاگردن کي واپس ڪرايا وڃن. هوڏانهن تعليمي بورڊ جي امتحانن واري ڊپٽي ڪنٽرولر هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي نائين ۽ ڏهين جماعت جي سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي شاگردن جي سالياني امتحاني فارم بغير ليٽ فيس جي جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 31 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن لاءِ سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.