ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ضلعي ۾ مڪاني چونڊ ويجھي ايندي ئي چونڊ سرگرمين جي عروج تي پهچڻ سان گڏ ضلعي جي 40 يونين ڪائونسلن، 5 ٽائون ڪاميٽين ۽ هڪ ميونسپل ڪاميٽي ۽ ضلعي ڪائونسل جي 272 سيٽن تي 152، اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي بعد 120 سيٽن تي 410 اميدوارن وچ ۾ چونڊ مقابلا ٿي رهيا آهن. 15 هين جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊ جي سلسلي ۾ پنهنجي اخبار جي هٿ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته ضلعي ٺٽي جي 4 تعلقن ٺٽو جي 16 يونين ڪائونسلن 1 ٽائون ڪاميٽي ۽ هڪ ميونسپل ڪميٽي ، ساڪري تعلقي جي 14 يونين ڪائونسلن ۽ 2 ٽائون ڪاميٽي ، گھوڙاٻاري تعلقي جي 7 يونين ڪائونسلن ۽ 2 ٽائون ڪاميٽين ۽ تعلقي ڪيٽي بندر جي 3 يونين ڪائونسلن سميت ضلعي جي 40 يوسيز ، 5 ٽائون ڪاميٽي ۽ هڪ ميونسپل ڪاميٽي جي 272 سيٽن تي 152 اميدوار سامهون بيٺل اميدوارن جي هٿ کڻڻ بعد بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن جڏهن ته چونڊ واري ڏينهن تي ضلعي جي 120 سيٽن تي 410 اميدوارن ۾ زور آزمائي ٿي رهي آهي جڏهن ته اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي هڪ ميونسپل ڪاميٽي جي 9 وارڊن مان 2 وارڊن تي اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي بعد 7 وارڊن تي 47 اميدوارن چوند وڙهي رهيا آهن ته واري تعلقي گھوڙاٻاري جي ٻن ٽائون ڪاميٽين گھوڙاٻاري ۽ ڳاڙهو جي 5 ئي وارڊن تي 5 اميداورن جي بنا مقابلي بعد 3 ٽائون ڪاميٽين مڪلي ، گھارو ۽ ساڪرو جي 18 وارڊن تي 54 اميدوار چونڊ ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته ضلعي جي 40 يونين ڪائونسلن جي جنرل ميمبرن جي 160 سيٽن مان 102 سيٽن تي 102 اميدوارن جي بنان مقابلي ڪاميابي بعد جنرل ميمبرن جي 58 سيٽن تي 173 ، اميدوارن زور آزمائي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته يونين ڪائونسل جي چيئرمين جي جوڙن وارين 40 سيٽن تي پڻ 17 يوسيز تي 17 چئرمين جوڙن جي ڪاميابي بعد ضلعي جي 23 يونين ڪائونسلن جي چئرمين جوڙن وارين سيٽن تي 64 اميداورن وچ ۾ چونڊ ٿي رهي آهي، هوڏانهن ضلعي ڪائونسل ميمبرن جي 40 سيٽن مان پڻ 20 سيٽن تي اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي کانپوءِ 20 ضلعي ڪائونسلن جي ميمبرن جي سيٽن تي 72 اميدوارن وچ ۾ چونڊ مقابلا ٿي رهيا آهن، ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آهي ته ضلعي جي 4 ئي تعلقن ٺٽو ، ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي يوسيز توڙي ٽائون ڪاميٽين ۽ ميونسپل ڪميٽي جي 192 وارڊن ، 40 يوسي چئرمين جوڙن ۽ 40 ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن سميت 272 سيٽن مان 152 سيٽن تي بنا مقابلي ڪاميابي ماڻيندڙ سمورن اميداورن جو تعلق سياسي پارٽي پ پ سان آهي جڏهن ته 15 هين جنوري تي ضلعي ٺٽي جي رهيل 23 يونين ڪائونسلن جي چيئرمين جوڙن ، ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن جي 20 سيٽن ۽ 3 ٽائون ڪاميٽين مڪلي ، گھارو ۽ ساڪرو جي 12 وارڊن ۽ هڪ ميونسپل ڪميٽي جي 7 وارڊن ۽ رهيل يوسز وارڊن جي سيٽن سميت 120 سيٽن تي 410 پ پ ، جي يو آئي ، جماعت اسلامي ، پي ٽي آئي ، قومي عوامي تحريڪ ، تحريڪ لبيڪ ، شهيد ڀٽو ۽ آزاد اميدوارن وچ ۾ چونڊ وڙهي پئي وڃي .