ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) )سنڌ جي گورنر ڪامران  ٽسوري چيو  آهي ته کيس پاڪستان ۽ ڪراچي جو پٽ هجڻ ۽ سنڌ ڌرتي جو رهواسي هجڻ تي فخر آهي، اڄوڪي تقريب جو مقصد ماڻهن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ ۽ صوبي جي صدين پراڻي تهذيب کي ملهائڻ آهي، ڪالهه گورنر هائوس ۾ ايڪتا ڏهاڙي  جي حوالي سان  ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون صوبي جي عوام ۾ ٻڌيءَ ۽ ڀائيچاري پيدا ڪرڻ واري مشن تي آهيان  اسان گڏجي  شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڌرتيءَ کي محبت ۽ امن جو گهوارو بڻائي سگهون ٿا. هن چيو ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهي،  ايڪتا ڏهاڙو قرباني، ڀائيچاري ۽ محبت جو درس ڏئي ٿو، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي اسان جو فخر ۽ ثقافت جو اهم حصو آهن. اڄ سنڌ جي ثقافت سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي. ڪامران خان ٽسوري چيو ته صوبي جي ترقي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ڪم گهرجي هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ٻوڏ متاثرن کي به ياد رکڻو آهي، هن وقت ڪيترائي خاندان بي گهر آهن، جن جي مدد ڪرڻ گهر جي. تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ايڪتا ڏهاڙو سنڌ جي ڌرتي سان محبت جو اظهار آهي.تقريب ۾ صوبائي وزير سعيد غني، عمان، قطر، بحرين جي قونصل جنرلز، بنگلاديش جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ۽ ڪراچي واسين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حسن سرهندو، نرودا مالني ۽ فهيم علڻ فقير  سرن جي ورکا ڪئي