ملير(رپورٽر) جاپان ۾ ايڪتا جا رنگ جرڪي پيا، جاپان جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ سنڌ واسين پاران اوساڪا سٽي ۾ ايڪتا عيد ملهائي وئي، ٽوگا ڪلچرل هال سڪائي ۾ ٿيل تقريب ۾ پاڪستان جي قونصلر جنرل طاهر حبيب چيما، سنڌي ايسوسيئشن جي اڳواڻن فارق مهر، عبدالقادر بهيلم، ايوب مهرخطاب ڪندي  چيو ته سنڌ جي تهذيب دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ آهي، سنڌ جي ثقافت مان پيار محبت جو درس ملي ٿو، اڄوڪي ڏينهن تي  خبر پوي ٿي ته سنڌواسي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ هجن، اهي پنهنجي ملڪ ۽ ڌرتي سان محبت ڪن ٿا، هنن چيو ته سنڌ سان اسان جو روح ۽ درد جو رشتو آھي، اسان جي دل سنڌ سان ڌڙڪي ٿي، جاپان جي مختلف شھرن ۾ رهندڙ سنڌ واسي گڏ جي پنهنجي ثقافتي عيد ملهائي دنيا  کي ٻڌائيندا آھيون ته اسين دنيا جي سڀ کان شاهوڪار تهذيب  جا وارث ۽ سفير آھيون، تقريب ۾ نوجوانن پاران  قومي گيتن تي رقص کانسواءِ شاعري پڻ پيش ڪئي وئي.