اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌ واسين لاءِ پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته اسان سنڌو ماٿري جي عظيم تهذيب جي شاهوڪار ڪلچر ۽ روايتن جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون، عمران خان چيو ته سنڌ صوفين ۽ آزاديءَ جي ڌرتي آهي پر اڄڪلهه مافيا جو ظلم ڀوڳي رهي آهي.
عمران خان ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌ واسين لاءِ پيغام ۾ چيو ته سنڌ پنهنجي آزادي ۽ عظمت جي واپسيءَ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ظالمن خلاف اٿندي.