حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايچ ڊي اي ايمپلائيز يونين پاران عبدالقيوم ڀٽي، نياز احمد چانڊيو، راجه پالاري، رحيم کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تلسي داس پمپنگ اسٽيشن تي ڊي جي ايچ ڊي اي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي ۾ شريڪ ملازمن ڊي جي ۽ ايم ڊي واسا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. بعد ۾ ملازم ريلي جي صورت ۾ مختلف علائقن کان مارچ ڪري پريس ڪلب سامهون پهتا. يونين جي اڳواڻن احتجاج دوران چيو ته واسا جي پڪن ملازمن کي گذريل 9 مهينن ۽ ڪچن ملازم گذريل 11 مهينن کان پگهار ۽ رٽائرڊ ملازم پينشن کان محروم آهن. 22 سالن کان وقت تي پگهار نٿي ڏني وڃي ۽ نه ئي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو ويو آهي. ڪرپشن جي نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن جي ادارن کان جاچ ڪرائي وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندن مطالبا فوري منظور نه ٿيا ته هو شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند ڪري ڊرينيج جو نظام مفلوج بڻائي ڇڏيندا.