ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ٽائون ڪاميٽي جي فائر برگيڊ گاڏي گذريل 15 ڏينهن کان ناڪارا بيٺل، انتظاميا مرمت نه ڪرائي، خبر موجب ڪروڙين رپين جي بجيٽ رکندڙ ٽائون ڪاميٽي آفيس جي فائر برگيڊ گاڏي انتظاميا جي نااهلي سبب گذريل 15 ڏينهن کان ناڪارا بيٺل آھي، جنهن جي اڃا تائين مرمت ناهي ڪرائي وئي، ان سلسلي ۾ معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته گاڏي جو مرمتي ڪم جاري آھي پر ان کي به 15 ڏينهن گذري ويا آھن، فائربرگيڊ گاڏي خراب هجڻ ڪري ڪنهن به وقت ايمرجنسي صورتحال ۾ وڏي خطري جو پڻ انديشو آھي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر سليم اختر ميمڻ ٻڌايو ته فائربرگيڊ جي گاڏي جي مرمت جاري آھي، ٻن ڏينهن کان مستري جي بيمار هجڻ سبب ڪم اڌ ۾ رڪيل آھي، ڪوشش ڪري رهيا آھيون ته جلد گاڏي جو ڪم مڪمل ٿي وڃي.