جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد شھر ۾ گٽر نالا اٿلي پيا، روڊ رستا تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳا. جيڪب آباد ۾ شاھه غازي محلي سميت مختلف ھنڌن تي گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو، گندو پاڻي روڊن تي بيھڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو. شھرين عبدالقادر کوسو، اسحاق سومرو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان گندو پاڻي روڊن تي بيٺل آهي شڪايتون ڪرڻ باوجود صفائي جو عمل شروع نه ٿي سگهيو آهي گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ سبب عورتون، ٻار ۽ ميڊيڪل سينٽر تي ايندڙ مريض سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شاھه غازي محلي سميت مختلف ھنڌن تي بيٺل نالين جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي جو نظام بهتر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ميونسپل آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.