قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن طرفان ميونسپل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي سڪندر جهنڊيل، اياز ٻرڙو، خالد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ميونسپل انتظاميا جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب قمبر جو صفائي سٿرائي وارو نظام ناڪاره بڻجي ويو آھي شھر جي صفائي نه ٿيڻ ڪري بازارن سميت مختلف محلن ۾ گند جا ڍير پيل آھن. جڏھن ته نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري نيڪال وارو گندو پاڻي روڊ رستن تي بيهجي وڃي ٿو جنهن سبب سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، گندگي سبب مڇرن ۾ اضافو اچي ويو آھي. جڏھن ته شھري مليريا سميت مختلف بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شھر جي صفائي سٿرائي وارو نظام بهتر ڪرائي گندگي جي آزار کان بچايو وڃي.