اين اي 249: ٻيهر ڳڻپ ۾ پ پ اميدوار جا 25، ن ليگ جا 27 ووٽ رد

0
386

ڪراچي: اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا 75 ووٽ رد ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي عملدارن موجب ٻيهر ڳڻپ دوران پ پ اميدوار قادر خان مندوخيل جا 25 ووٽ رد ڪيا ويا، پي ٽي آءِ اميدوار امجد آفريدي جا 27 ووٽ رد ٿيا، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي اميدوار مفتاح اسماعيل جا 23 ووٽ رد ڪيا ويا. اليڪشن ڪميشن جي عملدارن چيو آهي ته مجموعي طور تي 75 ووٽ رد ٿي چڪا آهن.