بورڊ جا امتحان 15 جون کانپوءِ ٿيندا: شفقت محمود

0
427

اسلام آباد: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته بورڊ جا امتحان 15 جون کانپوءِ شروع ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ شفقت محمود چيو ته ڪالهه منعقد ٿيل بين الصوبائي تعليم جي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته بورڊ جا امتحان 15 جون کان بعد شروع ٿي ويندا. شفقت محمود چيو ته 15 جون کانپوءِ 12 ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان ترجيحي بنيادن تي منعقد ڪيا ويندا جڏهن ته 11 هين ۽ 9 هين ڪلاس جا امتحان بعد ۾ شروع ٿيندا. هن چيو ته انٽرميڊيٽ ۽ ميٽرڪ جي امتحانن کي ترجيح ڏني ويندي ته جيئن انهن جو نتيجو يونيورسٽين ۾ داخلا کان اڳ اچي سگهي.