او ايل ايڪس ويب سائيٽ تان خريداري جي بهاني ماڻهن کي گهرائي ڦر ڪندڙ ٽولو گرفتار

0
439

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اورنگي ٽائون ۾ ماڻهن کي او ايل ايڪس ويب سائيٽ تان سامان جي خريداري بهاني گهرائي ڦر ڪندڙ ٽولي جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي سهائي عزيز جو چوڻ آهي ته جوابدار ماڻهن کي گهرائي هٿيارن کي زور تي سندن قيمتي سامان ڦر ڪندا هئا. اهڙو ئي واقعو 25 اپريل تي شهري محمد مرشد جنيد سان پيش آيو، جوابدارن جي اصرار تي جنيد پنهنجي 6 لک رپين جي ڪيمرا وڪرو ڪرڻ لاءِ سيڪٽر اي-16 تي آيو ته جوابدارن هٿيارن جي زور تي کانئس ڪيمرا ۽ موبائل ڦري ورتا. واقعي بعد ڳجهي اطلاع تي پوليس جوبدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ عطاءُ الرحمان ۽ نياز زيب شامل آهن. کانئس سامان ۽ هٿيار برآمد ڪري وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.