اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، جلد پنهنجي ترجيحن جو اعلان ڪندس، ڪالهه ناڻي وزارت ٻاهران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ناڻي وزارت ۾ اڄ منهنجو پهريون ڏينهن آهي، 11 سالن کان پوءِ وزارت ۾ آيو آهيان، مون کي معلوم ناهي ته وزارت ۾ ڇا ٿي رهيو هو، مان جلد پنهنجي ترجيحن جو اعلان ڪندس، ايندڙ بجيٽ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻن ڪلاڪن تائين معاشي مامرن تي بريفنگ ورتي آهي، معيشت جي بهتري لاءِ گهڻا منصوبا آهن، ميڊيا کي پنهنجي ترجيحن بابت آگاهه ڪندو رهندس.