ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم شهر جي کنڊو روڊ ت ي افسوسناڪ حادثو، بجلي جي 11 هزار وولٽ جي تار موٽرسائيڪل مٿان ڪري پئي، موٽرسائيڪل تي سوار ٽي ڄڻا پيءُ، پٽ ۽ پوٽو ٿڏي تي فوت ٿي ويا. لاش ضروري ڪاروائي کان پوءِ وارث کڻائي ويا. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو . ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ عبدالڪريم ڇٽو جا رهندڙ گرلز ڪاليج ٽنڊوآدم جو ملازم 53 سالن جو عبدالحڪيم ڇٽو، سندس نوجوان پٽ غلام قادر ڇٽو، سندس 12 سالن جو پوٽو جاويد ڇٽو ولد غلام قادر ڇٽو ٽنڊوآدم اچي رهيا هئا ته ٽنڊوآدم شهر جي کنڊو روڊ تي تعلقي اسپتال ۽ اي سي ٽنڊوآدم جي رهائشگاهه لڳ بجلي جي 11 هزار وولٽ جي تار ٽٽي سندن مٿان ڪري پئي، بجلي جي تار موٽرسائيڪل تي ڪرڻ سبب ٽئي ڄڻا سڙي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش ڪافي دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا. ٽنڊوآدم پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم پهچايا، جتان پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي ۾ ٽن ڳوٺاڻن جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي ڇٽا برادري جا سوين ماڻهو تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم پهچي ويا. فوتين جا وارث زارو قطار روئيندا رهيا، لاش سندن اباڻي ڳوٺ عبدالڪريم ڇٽو پهتا ته ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو، هر اک آلي نظر آئي، حادثي ۾ فوت ٿيلن کي سوين آلين اکين سان سندن اباڻي قبرستان بدرالدين ۾ دفنايو ويو.