ٽنڊوآدم: اکين ڏٺن شاهدن موجب موٽر سائيڪل سوار شهر طرف اچي رهيا هئا ته مٿن اوچتو 11 هزار وولٽيج جون تارون ڪرڻ بعد باهه لڳي وئي، باهه جا شعله ڏسي آس پاس جا ڪيترائي ماڻهو واقعي واري هنڌ پهتا، ڀرواري زمين مان مٽيءَ جا ٻڪ ڀري باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڏسندي ئي ڏسندي ٽئي ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.