وقار يونس آسٽريليا وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو

0
462

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس زال جي سرجري سبب آسٽريليا وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب وقار يونس زمبابوي کان روانو ٿيندو، سندس زال جي سرجري رمضان کانپوءِ ٿيندي. پي سي بي ٻڌايو ته وقار يونس کي آسٽريليا ۾ پهچڻ شرط ئي 14 ڏينهن قرنطينه ۾ رهڻو پوندو، ان ڪري وقار يونس وقت کان اڳ روانو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب وقار يونس هاڻ نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيم سان گڏ موجود نه هوندو.