ايم سڪس موٽر وي ميگا اسڪينڊل ۾ سنگين ڪرپشن ۽ بي قائدگيون ٿيون: شروعاتي جاچ رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي

0
496

نوشھروفيروز (رپورٽر) ايم سڪس موٽر وي ميگا اسڪينڊل تي هلندڙ جاچ ۾ انڪشاف ٿيا آھن، شروعاتي جاچ رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي ڪئي وئي آھي، ٽائيم نيوز جاچ رپورٽ جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي آھي

جاچ رپورٽ ۾ چيوويو آھي تھ ايم سڪس موٽر وي ميگا اسڪينڊل ۾ سنگين ڪرپشن ۽ بي قائدگيون ٿيون، زمين جي خريداريءَ لاءِ جاري ڪيل رقم بابت ڪٿان به رڪارڊ نه مليو، ڪجهه رقم پرڏيهه ويٺل ماڻهن کي به اُماڻي وئي،

جاچ ٽيم طرفان چيف سيڪريٽري ڏانهن اماڻيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موٽر وي جي اڏاوت لاءِ زمين جي خريداريءَ لاءِ لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جو ڪو به اڪائونٽ نه کوليو ويو، بااثر ماڻهن کي ايڊوانس رقم جاري ٿي، چيڪن تي ذميوار آفيسرز کان صحيحون ئي نه ورتيون ويون

رپورٽ موجب زمين جي خريداريءَ لاءِ سنڌ بئنڪ مان مختلف وقتن تي 3 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڪڍرايا ويا، 9 چيڪ بُڪن جو استعمال، 853 چيڪ ڪيش ڪرايا ويا، سنڌ بئنڪ کان رقم به ايڊوانس طور ورتي وئي، جن جن ماڻهن کي پئسا جاري ٿيا

جاچ رپورٽ موجب ڊي سي آفيس ۾ اُن جو ڪو به رڪارڊ ئي موجود ناهي، رپورٽ ۾ ڪجهه رقم ٻاهرين ملڪن ۾ ويٺل ماڻهن کي به موڪلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم پرڏيهه فرار ٿي چُڪو، نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي ۽ سنڌ سرڪار جي جوڙيل ٽيمن طرفان جاچ جاري آھي

ھي به پڙھندا

موٽر وي اسڪينڊل ۾ ڪرپشن ثابت ٿي ته سياست ڇڏي ڏيندس: مخدوم محبوب الزمان

موٽر وي اسڪينڊل: نيب سکر جي ٽيم پاران نوشهروفيروز ۾ سنڌ بينڪ جي برانچ تي ڇاپو