ناروي جي موسم به پاڪستاني معيشت جھڙي آهي … رفيق احمد

0
291

 ناروي جي موسم به پاڪستاني معيشت جھڙي آھي. پاڪستاني معشيت جيان، ناروي جي موسم بابت به اوھان ايندڙ چند لمحن ۾ موسم جي اڳڪٿي ڪڏھن به يقين سان نٿا ڪري سگھو.

                          14 آگسٽ تي جڏھن پھريون ڀيرو ھن سرزمين تي پير پاتو ھو ته صبح جي پھر جھڙ ھير گُھلندي محسوس ٿي ھئي جا بلڪل ايئن ئي پُر سڪون ھئي جيئن سنڌ ڌرتي جو صبح جو پھر. ٻه چار ڏينھن گذارڻ کانپوءِ ھلڪي ھلڪي سردي محسوس ٿيڻ لڳي سوچيم سردي اچي وئي پر پوءِ خبر پئي ته اھا موسم ھتان جو اونھارو آھي حالانڪي ان موسم ۾ به رات جي وقت مان روز پنھنجي ڪمري جو ھيٽر کولي ڇڏيندو ھئس جو رات جي پوئين پھر سيءُ سيسراٽ ڪندي اچي ڪمري ۾ داخل ٿيندو ھيو جنھن ڪري ننڍ جا خمار لھي ويندا ھئا. اھڙو اونھارو ڏسي سوچيندو ھئس اگر ھنن نارويجن ماڻھن کي گھوٽڪي وٺي وڃجي ته ھي گھمندي ڦرندي انّڊي (آني) جيان ھاف فرائي ٿي وڃن رڳو لوڻ مرچ ملائڻ جي ضرورت پوي. ان موسم ۾ ڏينھن وڏو ۽ رات ننڍي ٿيندي ھئي رات جو غالباً 9 بجي مغرب جي آذان جو ٽائم ٿيندو ھو.

مھيني ٻن کان پوءِ موسم نئون رنگ اختيار ڪيو ۽ سج آھستي آھستي ڪڪرن جي پردي ۾ گم ٿيڻ لڳو ۽ برساتون پڻ ھلڻ لڳيون. اھا موسم ھاڻ روز جو معمول بڻجي چڪي ھي. ٿڌ پوڻ به شروع ٿي ھئي ۽ ٽيمپريچر جو 2 ۽ 6 ڊگري جي وچ ۾ رھڻ، روز جو معمول بڻجي ويو ھو. ٽيمپريچر جي ان گھٽ وڌ واري رمزن کي منھن ڏيڻ لاءِ جسم تي ھڪ بجاءِ ٻه ڪپڙا اوڍڻ شروع ڪيم ته جيئن سردي جو مقابلو ڪري سگھجي. ڪڏھن ڪڏھن ته ڪوھيڙ به پنھنجا جلوا ڏيکاري آسي پاسي اونداھ ڦھلائي ڇڏيندو ھو. شروعات جي ڀيٽ ۾ ھاڻ ڏينھن جو مدو گھٽجڻ شروع ٿيو ھو ۽ رات وڏي ٿيندي پئي وڃي. مغرب جو وقت رات جي 9 کان شام جي 6 تائين اچي پھتو ھو. توڙي جو رات جو سردي ٿيڻ لڳي ھئي پر وچين پھر ھيٽر بند ڪرڻو پوندو ھو ڇو جو ڪمري ۾ ٻوسٽ ٿيڻ سبب ساھ منجھندو ھيو ۽ پگھر پڻ شروع ٿي ويندو ھو جنھن ڪري اڪثر ننڍ ڦٽي ويندي ھئي ۽ وري پوئين پھرن ۾ ننڊ جا کيپ اکين تي سوار ٿيندا ھئا. خوشقسمتي اھا جو ھتي ڪلاس دير شروع ٿيندا آھن اگر مھراڻ يونيورسٽي ھجي ھا ته حاضري واريون مارڪون ته پڪ سان زيرو ٿين ھا پر ھتي حاضري جون مارڪون آھن ئي ڪونه.

تازو ئي، ڪجھه ڏينھن کان ٽيمپريچر مسلسل منفي 6 ۽ منفي 1 جي وچ ۾ ٽپ ڏيڻ شروع ڪيا آھن ۽ حالت اھا ٿئي وئي آھي جو ڪن جون پاپڙيون ۽ ھٿ جون ڏوڏيون ڄمندي محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون. سج مڙئي موڪلائي گھڻي وقت لاءِ گم ٿي ويو آھي (خبر ناھين واپس اچڻ ۾ ڪيترو وقت وٺندو پر ماڻھن جي ڳالھين موجب بنا سج ڏٺي ئي فرانس لاءِ نڪرڻو پوندو). ھاڻ ڏينھن جو مدو بلڪل گھٽجڻ لڳو آھي ۽ اڄڪلهه سج غالباً 3 بجي لھي ٿو ۽ اھو لھڻ وارو وقت اڃان به ھر گذرندڙ ڏينھن سان گھٽ پيو ٿيندو وڃي. ٻه ڏينھن اڳ ھلڪي برفباري ٿي جيڪا صرف اڌ ڪلاڪ تائين ھلي پر اشارو ڏئي وئي ته استاد ھوشيار خبردار آئون اجھو پئي اچان. رات ٻه بجي سمھڻ مھل ٻاھر ڏٺو ته ملڪ مڙوئي سبز لڳو پيو ھو ۽ ايپليڪيشن مطابق برفباري ٿيڻ جا بک گھٽ چانس ھئا. خير لت ڏئي سمھي پياسين. صبح ساجھر 6 بجي اک کُلي ته سوچيم صبح جي پھر جي خوبصورتي کي اکين ۾ قيد ڪجي. بيڊ کان اٿي جڏھن ڪمري جي دري تائين پھتس ته مار جيڏانھن اک ڦيريان رڳو اڇانءِ. روڊ رستا، گھرن جون ڇتيون، وڻ ٻوٽا، پاڻي جا نالا ۽ جبلن سميت مڙئي شيون بدن تي اڇي چادر اوڙي حسين نينگريءَ جيان جواني جي مستي ۾ ڪر کڻي بيٺا ھئا. پھريان ته حيرات ٿي ته استاد ھي ڇا آھي پر پوءِ ياد آيو ته ھتي برفباري به ته ٿيندي آھي سو سمجھي ويس ته پڪ سان رات برفباري ٿي ھوندي. خير وري وڃي ننڊن جي وادين ۾ جو غوطو ھنيو ته 9 بجي اک کُلي ۽ وري دري کان ٻاھر ڏٺو ته برسات جيان ڪا اڇي اڇي شيءِ تيزي سان پئي وسي. دري کولي ھٿ ٻاھر ڪڍي ڏٺو ته برفباري پئي ٿئي سا به تيزي سان.

ھن اچانڪ برفباري سبب ھتان جي ماڻھن جي زندگي جي روانگي ۾ ٽَڪي برابر به تبديلي ڪونه نظر آئي. روڊ رستا صاف ڪرڻ لاءِ ٻه چار گاڏيون روڊ تي پيون ڦرن ۽ جتي به برف جو ڍير پيا ڏسن پاڻمرادو وڃي ان کي پاسي پيا ڪن. سچ ته ھنن جي انتظاميه ڏسي حيرت ٿي ڇو جو لڳي ايئن پيو ھي اڳي ئي ان موسم لاءِ پورو نظام تيار ڪيون ويٺا ھئا بس کين برفباري جو انتظار ھو. اھڙي حالتن ۾ اسان وارن ھمراھن جو ته ھفتو کن وات پٽيل ھوندو آھي ۽ جيسين ڪنھن نظام جوڙڻ جي رٿابندي جي آخري نتيجي تي پھچن تيسين زندگي جو سمورو معمول تباھ برباد جنھن جو کين اھو فائدو ٿيندو آھي جو جڙيل حڪمت عملي کي عمل آڻڻ جي نوبت به نه ايندي آھي بس عالمي ادارن کي ڏيکاري پيا پيٽ پاليندا آھن.

ڪٽي سٽي اھو ته ڪافي دوستن پئي چاھيو ته ناروي بابت کين ٻڌايان، ابا ھي پڙھڻ کانپوءِ اڌ ناروي جو اندازو ٿي ويو ھوندو اوھان کي…باقي رھيل ناروي کي به ڪڏھن لکبو تيسين ھنن تصويرن مان سِڪون لاھيو. (فيس بوڪ وال تان ورتل)