موٽر وي اسڪينڊل: نيب سکر جي ٽيم پاران نوشهروفيروز ۾ سنڌ بينڪ جي برانچ تي ڇاپو

0
532

سکر/نوشھروفيروز (نمائندن وٽان) ايم سڪس موٽروي پراجيڪٽ ۾ پوڻن 2 ارب روپين جي ڪرپشن سامهون اچڻ بعد نيب به ميدان ۾ اچي ويو، نيب سکر جي ٽيم پاران نوشهروفيروز ۾ سنڌ بينڪ جي برانچ تي ڇاپو ھنيو ويو

نيب ٽيم پاران ڊي سي آفيس نوشهروفيروز جي اڪائونٽ جو ريڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو، نيب ميگا اسڪينڊل جي جاچ جو دائرو سکر ۽ خيرپور ضلعن تائين وڌائي ڇڏيو آھي

نيب سکر جي ڊائريڪٽر ڪمشنر سکر کان زمين جي خريداري ۽ اين ايڇ ي اي کان پئسن جي وصولي جا تفصيل گهري ورتا، نيب پاران ڪمشنر سکر کي خط لکيو ويو

خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻڌايو ته ايم سڪس موٽر وي پراجيڪٽ لاءِ سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ هيل تائين ڪيتري زمين خريد ڪئي وئي

Many places in Sindh on the national highway have been declared dangerous, instructions not to travel | PiPa News

زمين جي خريداري لاءِ اين ايڇ اي کان ڪيترا پئسا مليا؟ اين ايڇ اي کان مليل پئسا ڪٿي خرچ ڪيا ويا؟ ڪمشنر سکر کي تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

ھي به پڙھندا

موٽر وي اسڪينڊل: مٽياري جي اڳوڻي ڊي سي  جو رمانڊ منظور

موٽر وي اسڪينڊل: ڊي سي نوشهروفيروز سميت 4 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش