موٽر وي اسڪينڊل ۾ ڪرپشن ثابت ٿي ته سياست ڇڏي ڏيندس: مخدوم محبوب الزمان

0
387

ڪراچي: صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندس ڪٽنب جي موٽر وي اسڪينڊل ۾ ملوث هُجڻ جِي ثابتي ملي ته هو وزارت سان گڏ سياست به ڇڏي ڏيندو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محبوب الزمان چيو ته مٽياري موٽر وي اسڪينڊل سان اسان کي جوڙي بدنام ڪيو پيو وڃي

هن چيو ته اسڪينڊل جي جاچ جاري آهي، خاندان خلاف ڪو ثبوت مليو ته جوابده هونداسين، هي قومي منصوبو آهي، اُن کي مڪمل ڪرائينداسين،

صوبائي وزير چيو ته وفاق طرفان ايندڙ رقم سان صوبائي وزير يا ايم پي اي جو تعلق ناهي هوندو، موٽر وي اسڪينڊل ۾ ڏوهي نڪتس ته وزارت ڇا سياست تان ئي هٿ کڻي ويندس

ھي به پڙھندا

موٽر وي اسڪينڊل: ڊي سي نوشهروفيروز سميت 4 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش

موٽر وي اسڪينڊل: مٽياري جي اڳوڻي ڊي سي  جو رمانڊ منظور