قاضي احمد (ن پ ا) ايس يو پي صدر ذين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي تباهي جي زميوار پ پ آهي، سندس 15سالن جي خراب حڪمراني سبب سنڌ جي سياسي سماجي ۽ معاشي تباهي آئي آهي، هتي صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو ته سنڌ جي وحدت کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ دشمن عمل خلاف 15 فيبروري کان 19مارچ تائين سکر کان ڪراچي تائين پيادل سنڌ مارچ ڪندي جنهن ۾ سنڌ جي عوام کي ٻڌايو ويندو ته اوھان جي نقصان ۽ تباهي جي ذميوار پ پ آهي، هن سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي نئين سر بحالي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو وڃي.