ايس يو پي جو پيدل سنڌ مارچ دادو مان ڀان سيد آباد لاءِ روانو

0
191

ايس يو پي جو پيدل سنڌ مارچ دادو مان ڀان سيد آباد لاءِ روانو ٿي ويو، گذريل ڏينهن مارچ جي دادو پهچڻ تي عورتن سميت شهرين پاران پرجوش آجيان ڪئي وئي

سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ ڪا ڪالوني ناهي جو 15 سالن کان ڦورن حوالي ڪئي وئي آهي، وڏيرن، روينيو آفيسرن ۽ پوليس جي مدد سان سنڌ جي عوام کان حڪمراني جو حق کسيو ويو آهي

هن چيو ته سنڌ جي عوام کان ووٽ جو حق کسيو ويو ته مرڪز لاءِ خطرا وڌي ويندا، سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون