ڏهرڪي: شهيد ٿي ويل ايس ايچ او عبدالمالڪ ڪمانگر  سال  1991ع ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو، سب انسپيڪٽر ٿيڻ بعد مختلف ضلعن لاڙڪاڻو ،شڪارپور، سکر ضلعن ۾ مختلف ٿاڻن تي  ايس ايچ اوز پڻ رهيو ۽ انسپيڪٽر ٿيڻ بعد به ايس ايچ او طور نوڪري ڪئي، ايس ايس پي تنوير تنيو جي مقرري بعد ضلعي گهوٽڪي ۾ 2 مهينا اڳ گهوٽڪي لائين ۾ پهتو، جنهن بعد ميرپور ماٿيلو ٿاڻي مقرر هيو، هي سکر جي نيو پنڊ واري علائقي جو رهواسي هيو،