ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) شهيد ايس ايچ او دين محمد لغاري هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، هو اڳ ۾ پوسٽ آفيس ۾ پوسٽ مين طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ بعد ۾ 1991ع ۾ ميرٽ تي اي ايس آءِ طور ڀرتي ٿيو، جيڪو پوليس ۾ مختلف امتحان پاس ڪري لاڙڪاڻي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ ٻين ٿاڻن تي رهيو ۽ ترقي ڪري 2 سال پهريان انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ماڻي، دين محمد 30 سالن جي عرصي ۾ مختلف ڏوهارين کي گرفتار ڪري سزائون ڏياريون، سندس ٻه شاديون ٿيل هيون، جن مان ٻه پٽ ۽ 6 نياڻيون آهن، دين محمد جو ڀاءُ منظور لغاري ميرواهه گورچاڻي ٿاڻي تي مقرر ٿيل آهي.