ڏوڪري/ موهن جو دڙو (نمائندن وٽان) ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او جي عورتن سان ٿاڻي اندر بدڪلامي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايچ او زبير سومرو کي ايس ايس پي هيڊ ڪوارٽر محمد ڪليم نوٽيس وٺندي هٽائي ڇڏيو آهي، سندس جاءِ تي لياقت کجڙ کي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويوآھي، ڏوڪري ٿاڻي جي ايس ايچ او اصغر سولنگي کي بدلي ڪري سندس جي جاءِ تي غلام حيدر ملاڻو کي ڏوڪري ٿاڻي جو نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڏوڪري ٿاڻي تان بدلي ڪيل ايس ايچ او کي فتح پور ٿاڻي جو نئون ايس ايچ او مقرر ڪري ويو آهي. جڏهن ته بدلي ٿيل ٽنهي ايس ايڇ او چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.