ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ ريلوي ڦاٽڪ لڳ پيش آيل افسوسناڪ واقعي ۾ 50 سالن جي هڪ نامعلوم شخص ريل گاڏي جي هيٺان اچي خودڪشي ڪري ڇڏي، اکين ڏٺن شاهدن موجب نامعلوم شخص سيالڪوٽ کان ڪراچي ويندڙ علامه اقبال ايڪسپريس جي سامهون بيهي رهيو، سامهون ايندڙ ٽرين جي ڊرائيور ٽرين جي رفتار گهٽائي مسلسل هارن وڄائيندو رهيو پر همراھ ريل جي پٽڙي تان نه لٿو. خودڪشي ڪندڙ شخص ٽرين ويجهو ايندي ئي پنهنجو ڪنڌ ريل جي پٽڙي تي رکي ڇڏيو، ٽرين سندس مٿان چڙهي وئي جنهن سبب فوتي جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿي وئي. فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، سائيٽ پوليس ۽ ريلوي پوليس پهچي فوتي جو لاش ڪوٽڙي ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.