ماتلي (ن پ ا) ماتلي تعلقي جي ڦلڪارا پوليس پوسٽ جي حد ڳوٺ محمود لغاريءَ ۾ گھريلو تڪرار تان ناٺي افتخار لغاري پنهنجي سھري 50 ورھين جي پنھل لغاريءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. ماتلي توڙي ڦلڪارا پوليس کي اطلاع ملڻ باوجود لاش ھڪ ڪلاڪ تائين گھٽي ۾ پيل رھيو. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ماتلي ۽ ڦلڪارا پوليس پوسٽ جي اهلڪارن واقعي واري ھنڌ پھچي قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل ھٿ ڪيو ۽ لاش کي کي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ماتلي پھچايو. لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب ته مقتول کي مٿي ۽ سيني ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو. ھوڏانھن مقتول پنهل لغاريءَ جي ڀاءُ وڪيو لغاري موجب گھريلو تڪرار تان جوابدار افتخار لغاري پسٽل جا فائر ڪري ڀاءُ پنھل کي قتل ڪري فرار ٿي ويو آھي. ھوڏانھن پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رھي آھي. ان سلسلي ۾اطلاع آهن ته پوليس جوابدار جي ٻن ويجھن عزيزن کي حراست۾ وٺي کانئن پڇا ڳاڇا ڪري رھي آھي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.