ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور لڳ ڳوٺ نصرالله بجاراڻي ۾ چولياڻي ۽ لاشاري برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺيون لڳڻ سبب نظير احمد لاشاري سخت زخمي ٿي پيو، ٻئي طرف ڳوٺ واحدبخش بجاراڻي ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ نياز احمد ۽ عبداللطيف ميراڻي زخمي ٿي پيا، جن کي ڪرمپور اسپتال مان طبي امداد بعد گهر روانو ڪيو ويو.